سنڌ ۾ ڌرڻا جاري، تيل ۽ سامان جي سپلاءِ بند، ملڪ سان رابطو ڪٽيل

سکر /خيرپور : وڪيلن جو بدستور مک ڌرڻو ٻٻرلو ۾ جاري آهي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڌرڻي جي اڳواڻ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سڀن کي چوان ٿو گهرن مان نڪرن هن ڪاز لاءِ ٻاهر  نڪرو،اسان پوئتي نه هٽنداسين،سڀن جو مشڪور آهيان،سڀ استقامت سان بيٺل آهيون نوٽيفيڪيشن ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو،ٻنهي کي ٽائيم ساڳيو ڏنو ،ٻنهي ڌرين جا اڳواڻ آيا وفاق ۽ سنڌ جا نمائندا آهن، اسان وٽ فرق ناهي سڀن سان ملنداسين،ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڳالهيون ٿيون آهن،جنهن طريقي سان اوهان شرڪت ڪيو ٿا مان سڀن جو مشڪور آهيان،مون کي گرمي نه ٿي لڳي ،مون کي خبر آهي منهنجو مقصد ڇا آهي،هي دريا ختم ٿي ويندو ته اسان جي سڄاڻپ ختم ٿي ويندي،مان ائين نه چاهيندس پنهنجي دريا لاءِ وِڙهندو رهندس،ڪينال هرگز قبول ناهن انهن لاءِ هنن کي اسان جي جان کپي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون سودو نه ڪندس،صدر ڪراچي بار پاران مليل سونو تاج ان شخص پارايو جنهن پنهنجي گهر واري جا زيور وڪڻي ڌرڻي وارن کي ڏينهن رات خدمت ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔