اسلام آباد جي ملتان سلطانز کي 7 وڪيٽن تان شڪست

ملتان: ملتان جي ٽيم 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنز ٺاهي سگهي. پي ايس ايل جي تيرهين ميچ، جيڪا ملتان ۾ کيڏي پئي وڃي، محمد رضوان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. محمد رضوان ياسر خان سان گڏ اوپننگ لاءِ آيو. ستين اوور ۾ ياسر خان 51 جي مجموعي اسڪور تي 17 بال کيڏي، ٻن چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 29 رنز ٺاهي نواز جي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد عثمان خان جارحاڻي راند جاري رکي ۽ ٽيم جو اسڪور 100 کان پار ڪرايو پر ٻه چانس ملڻ بعد به ففٽي نه ڪري سگهيو ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 37 بالن تي 36 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي سعد مسعود هٿان ڪيچ ٿيو. ان بعد ڪامران غلام ۽ طيب طاهر کي ڇڏي مائيڪل بريسويل آيو ۽ 9 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو. جنهن بعد افتخار آيو ۽ هو جيسن هولڊر جي بائونسر تي 10 رنز ٺاهي ڪيپر اينڊريس غوث هٿان ڪيچ ٿي ويو. ان بعد ڪرس جورڊن آيو. رائلي ميريڊٿ جي بال تي ٻه رنسون ٺاهڻ جي چڪر ۾ عثمان خان رن آئوٽ ٿي ويو. هن 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 40 بالن تي 61 رنز ٺاهيون، ان بعد ڪامران غلام آيو. جنهن آخري اوور ۾ سلمان ارشاد کي ڇڪو ۽ چوڪو هنيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔