ٽرمپ کي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ مڪمل جنگ بندي جي اميد

واشنگٽن: آمريڪي صدر ٽرمپ ايندڙ ڏينهن ۾ روس-يوڪرين ۾ مڪمل جنگ بندي جي اميد ظاهر ڪئي آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس اميد آهي ته روس جنگ بندي جي منصوبي تي متفق ٿيندو.ٽرمپ چيو ته هو يوڪريني صدر زيلنسڪي کي وائيٽ هائوس واپس دعوت ڏيندو ۽ هن هفتي روسي صدر سان به ڳالهائيندو.ٻئي طرف، فرانسيسي صدر جده ۾ آمريڪا-يوڪرين ڳالهين جي آجيان ڪندي چيو ته ممڪن 30 ڏينهن جي جنگ بندي جو منصوبو هڪ اهم پيش رفت هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔