ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هن سال ڪڻڪ نه خريد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان هن سال ڪڻڪ نه خريد ڪنداسين، اسان وٽ 1.3 ملين ٽن ڪڻڪ آهي. ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جي هڪ سال جي مڪمل ٿيڻ تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گذريل سال 12 مارچ تي ڪابينا حلف کنيو هو، اڄ هڪ سال گذري ويو آهي، سنڌ حڪومت هڪ سال ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪيو، ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، اسان ڪڏهن به اهو دعويٰ نه ڪيو آهي ته اسان هي ڪم پهريون ڀيرو ڪري رهيا آهيون.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت بلاول ڀٽو جي ويزن موجب ڪم ڪري رهي آهي، گورننس کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪيترائي عوامي منصوبا شروع ڪيا آهن.هن چيو ته گذريل سال بلاول ڀٽو سنڌ هاري ڪارڊ لانچ ڪيو، بينظير هاري ڪارڊ ذريعي هارين کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جا اپاءَ اسان جي ترجيحن ۾ شامل هئا.مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي شعبي کي جديد خطن تي ترقي ڏني پئي وڃي ۽ صوبي ۾ گورننس کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.سنڌ جي وڏي وزير اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت هن سال ڪڻڪ خريد نه ڪندي، اسان وٽ 1.3 ملين ٽن ڪڻڪ آهي.هن چيو ته ڊرون ذريعي ڳوٺن جي نقشي بندي ڪئي پئي وڃي، 120 ٻوڏ متاثر روڊ پڻ ٺاهيا ويا آهن، ۽ ايس فور منصوبي ذريعي سنڌ پوليس ۾ ڪيمرا لڳايا ويا آهن.