ڪوئيٽا: ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري ڇڏي جنهن سبب ريل جي انجڻ واري حصي کي باهه لڳي وئي جنهن سبب ڊرائيور زخمي ٿيڻ کانپوءِ شهيد ٿي ويو، دهشتگردن مچ جي جابلو علائقي ۾ ٽرين روڪي ڇڏي جڏهن ته مسافرن کي يرغمال بنائڻ جا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن. اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب اڄ صبح ساڍي 9 وڳي ٽرين ڪوئٽه کان رواني ٿي جڏهن ٽرين گڊالار ۽ پيروڪنري جي علائقي مان گذري ته اتي نامعلوم هٿياربندن ٽرين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ انجڻ واري حصي ۾ باهه لڳي وئي جنهن ڪري ڊرائيور زخمي ٿيڻ بعد شهيد ٿي ويو. مسافر ڊنل رهيا جڏهن ته علائقي ۾ ڪافي وقت کانپوءِ به فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا.
اکين ڏٺن شاهدن ۽ ليويز ذريعن موجب مچ جي جابلو علائقن ۾ اهو واقعو پيش آيو آهي، جتي جعفر ايڪسپريس کي روڪيو ويو آهي، وڌيڪ فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. ريلوي پوليس واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته ريل کي اتي روڪيو ويو آهي، ٽرين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 600 کان 700 مسافر سوار آهن، ڪيترن مسافرن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن پر تصديق جو عمل جاري آهي.
ڊي ايس ريلوي جي پي آر او موجب سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، سبي کان ايمبولينسون واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آهن، واقعي کانپوءِ فورسز پهچي ڪارروائي ڪري رهي آهي .