جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز کان قانوني معاملن جي ذميواري واپس ورتي وئي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق کان قانوني معاملن جي ذميواري واپس ورتي وئي آهي.

ايڊيشنل جج جسٽس راجه انعام امين منهاس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قانوني  معاملن جو جج مقرر ڪيو ويو آهي. جسٽس راجه انعام امين منهاس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي قانوني ونگ جا معاملا سپروائيز ڪنداسين.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس راجه انعام امين منهاس کي فوري طور تي قانوني معاملن جو جج مقرر ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي منظوري سان ڊپٽي رجسٽرار نوٽيفڪيشن  پڻ جاري ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔