جسٽس بابر ستار چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي قدمن کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: جسٽس بابر ستار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس عامر فاروق جي ٽرانسفر ٽن ججز بابت قدمن کي غيرقانوني قرار ڏيندي تفصيلي خط لکي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار لاهور، سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان ٽرانسفر ٿيل 3 ججز جي معاملي تي چيف جسٽس عامر فاروي کي  6 صفحن تي ٻڌل خط لکي ڇڏيو آهي.

جسٽس بابر ستار ٽرانسفر ججز جي سينارٽي لسٽ جاري ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ خط ۾ چيف جسٽس عامر فاروق جي هاءِ ڪوٽ ايڊمنسٽريشن ڪميٽي جي تبديلي کي به غيرقانوني چئي ڇڏيو.

چيف جسٽس اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ کان هن مطالبو ڪيو ته سينارٽي لسٽ ۽ ايڊمنسٽريشن ڪميٽي جا نوٽيفڪيشن واپس ورتا وڃن ۽ پنهنجا خط هن سينارٽي لسٽ جي خلاف ريپريزنٽيشن فائل ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔