اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ لک 12 هزار جي حد بحال، ڊالر سستو

ڪراچي:: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي مثبت شروعات کان پوءِ، 112,000 جي حد بحال ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊالر جي قيمت ۾ هيٺانهين مٿانهين جاري آهي، خميس ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس ۾ واپار جي شروعات ۾ 230 پوائنٽس جو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ انڊيڪس 112,165 پوائنٽس تي واپار ڪندي ڏٺو ويو،ياد رهي ته اڱاري تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ منفي ٽريڊنگ جي ڪري، 100 انڊيڪس 1012 جي نشان کي به برقرار نه رکي سگهيو. ٻئي طرف ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن موجب ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي. انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڪرنسي جي قيمت 6 پئسا گهٽجي 278.90 پئسا ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔