اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب نجي شعبي تي زور ڏنو آهي ته هو ملڪ جي معاشي تبديلي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري، اميد آهي ته پاليسي ريٽ سنگل ڊجيٽ تي اچي ويندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته مهانگائي جي شرح 2 ڏهائي 41 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، هو يقيني بڻائيندا ته فائدو عوام تائين پهچي، حڪومت معاون فريم ورڪ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. سندس چوڻ هو ته گذريل 12 مهينن ۾ ملڪي ميعشيت مستحڪم ٿي، پاليسي ريٽ ۾گھٽتائي آئي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو . هن اميد ظاهر ڪندي چيو ته پاليسي ريٽ سنگ ڊيجٽ تي اچي ويندي ۽ حڪومت ايس ايم اي جي صلاحيت جي تعمير ۽ فنانسنگ لا3 هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي.