اسلام آباد: (اڱارو: 28 جنوري 2025ع) اليڪشن ڪميشن گوشوارن جا تفصيل جمع ڪرائڻ تي وڌيڪ 34 ميمبرن جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي جي 2، پنجاب اسيمبلي جي 13، سنڌ جي6، خيبرپختونخواهه 11 ۽ بلوچستان اسيمبلي جي 2 ميمبرن جي رڪنيت بحال ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي قومي، صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ جي 139 ميمبرن کي معطل ڪري ڇڏيو هو. قومي اسيمبلي جي 16 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 68 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي هئي.
خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي 33، سنڌ اسيمبلي جي 15 ۽ بلوچستان اسيمبلي جي 5 ميمبرن جي رڪنيت گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي معطل ڪئي وئي هئي.