ڪراچي: گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ اڄ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز(پي آءِ اي) جي پهرين اڏام جي لينڊنگ سان گڏ ئي مڪمل طور تي فعال ٿي ويو آهي. اها پهرين ڪمرشل اڏام هئي جيڪا سومر جي ڏينهن افتتاح کان پوءِ نئين گوادر ايئرپورٽ تي لٿي.
ڪراچي مان اڏام پي ڪي 503 نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتي ته انهي کي واٽر بائوزر سان سلامي ڏني وئي. دفاع واري وزير خواجه آصف گوادر تي پهرين ڪمرشل اڏام جو استقبال ڪيو. گوادر ايئرپورٽ تي هاڻ ايئربيس ۽ بوئنگ جهاز لينڊ ڪري سگهن ٿا
ياد رهي ته نيو گواڊر انٽرنيشنل ايئرپورٽ سي پيڪ جو فيلگ شپ منصوبو آهي جيڪو ساليانو 4 لک مسافرن کي سهولت ڏيندو. پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي اهلڪار تصديق ڪئي ته نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ اڄ کان آپريشن شروع ڪندو.
ٻئي پاسي پي آءِ اي ترجمان ٻڌايو ته ڪراچي کان گوادر ويندڙ اڏام پي ڪي 503 سومر تي لينڊ ڪندي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ويب سائيٽ تي دستياب فلائٽ شيڊول موجب اڏام جي روانگي صبح 9 لڳي 30 منٽن تي ٿيڻ جو امڪان هو پر اڏام دير جو شڪار ٿي مسافرن کان علاوه ايوي ايشن ڊويزن جا اعليٰ آفيسر به افتتاحي اڏام ۾ موجود هئا.
افتتاحي اڏام جي خوشي ۾ هڪ مختصر تقريب به منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ بلوچستان جو گورنر جعفر خان مندوخيل، وڏو وزير سرفراز بگٽي، چيف سيڪريٽري شڪيل قادر خان، سيڪريٽري ايوي ايشن ڊويزن احسن علي منگي، ڊي جي پي اي اي ايئر وائس مارشل ذيشان سعيد، ايئرپورٽ سيڪيورٽس فورس جو ڊي جي ميجر جنرل عدنان آصف جاهه شاد ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ڊي جي نديم شاهد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ياد رهي ته نئين ايئرپورٽ جو افتتاح وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيني وزيراعظم لي ڪيانگ آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي دوري دوران ڪيو هو