احمد دانيال ۽ شاهنواز زمبابوي خلاف جاري ون ڊي سيريز مان ٻاهر

لاهور : پاڪستاني فاسٽ بالر احمد دانيال ۽ شاهنواز ڏاهاڻي زمبابوي خلاف جاري ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويا آهن.احمد دانيال هيمسٽرنگ انٽري ۾ مبتلا آهي جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي ٽريننگ دوران کاٻي پٺي ۾ زخمي ٿي پيو آهي.ٻنهي جي جاءِ تي عباس آفريدي ۽ جهانداد خان کي پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.عباس آفريدي ۽ جهانداد خان به ٽي 20 اسڪواڊ جو حصو آهن.زمبابوي خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ احمد دانيال جي جاءِ تي عامر جمال کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.زخمي احمد دانيال ۽ شاهه نواز ڏاهاڻي اڄ شام پاڪستان روانو ٿي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔