انسٽاگرام ۾ اي آءِ پروفائيل تصوير تيار ڪرڻ وارو فيچر متعارف؟

ميٽا طرفان ويجهڙائي ۾ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۾ مصنوعي ذهانت ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي فيچرز کي شامل ڪرڻ تي گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي.
هڪ تازي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انسٽاگرام ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن ذريعي واهپيدار پنهنجي پروفائيل تصوير آءِ اي ٽيڪنالوجي جي مدد سان تيار ڪري سگهندا.
هڪ ڊيولپر اليسانڊرو پالوزي نئين فيچر بابت انڪشاف ڪيو آهي، کيس فيچر بابت تڏهن معلوم ٿيو جڏهن هو انسٽاگرام تي پنهنجي پروفائيل فوٽو تبديل ڪري رهيو هو.
ان فيچر کي Create an AI profile picture جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ڊيولپر طرفان ايڪس ( ٽوئيٽر ) تي ان جو اسڪرين شاٽ پڻ شيئر ڪيو ويو آهي.
ڊيولپر موجب، انسٽاگرام طرفان اي آءِ پروفائيل تصوير جي تياري ۾ مدد فراهم ڪندڙ فيچر تي ڪم جاري آهي.
ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ته موجود ناهن پر امڪاني طور تي اِهو فيچر ميٽا جي لاما اي آءِ ماڊل تي ٻڌل هوندو.
في الحال انسٽاگرام ۾ واهپيدار ڊيوائس مان ڪا به تصوير کي اَپ لوڊ ڪري پروفائيل تصوير طور استعمال ڪندا آهن.
پر نئين اي آءِ فيچر تحت واهپيدار کي وڌيڪ تفصيلي ۽ تخليقي پروفائيل تصوير تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔