سمنڊ ۾ جيترو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ گهرجي اوترو دستياب ئي ناهي،مراد شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، سمنڊ ۾ جيترو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ گهرجي اوترو دستياب ئي ناهي، هاڪي راند جي ترقي لاءِ سيڙپڪاري باوجود ڪي نتيجا نه ملي سگهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر چيو ته هن ڀنڀور جو دورو ڪيو آهي، ڀنڀور ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا، مهمانن جي ڪتاب ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جا انگريزي ۾ خوبصورت تاثر لکيل هئا.وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر وچ ۾ آثار قديمه، ماحوليات، دريائي نظام ۽ انڊس ڊيلٽا بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنس جو چوڻ آهي ته انڊس ڊيلٽا جي تمام شاندار تاريخ آهي، سنڌ سرڪار انڊس ڊيلٽا جو تحفظ ڪري ۽ سامونڊي آبي جيوت جي خوراڪ ۽ گدلاڻ کان محفوظ رکيو وڃي، سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ وڃڻ سان سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جو قدرتي ذريعو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌو درياهه جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، سمنڊ ۾ جيترو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ گهرجي اوترو دستياب ئي ناهي، سنڌ ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو محبت ۽ ڀائيچاري سان رهن ٿا. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر چيو ته هو هاڪي جو رانديگر آهي ۽ هاڪي کيڏندو رهيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هاڪي راند جي ترقي لاءِ سيڙپڪاري باوجود ڪي نتيجا نه ملي سگهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔