سلمان خان کي ٻيهر مارڻ جون ڌمڪيون، 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب

ممبئي : بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي اڻڄاتل شخص 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سلمان خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر موت جي ڌمڪي ملي آهي ۽ هن ڀيري ڌمڪي ڏيندڙ نامعلوم ماڻهن دبنگ اسٽار کان 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ جو مطالبو ڪيو آهي.رپورٽن مطابق ممبئي ٽريفڪ پوليس کي موڪليل واٽس ايپ پيغامن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن پئسا نه ڏنا ويا ته سلمان خان کي قتل ڪيو ويندو.تازي ڌمڪي بعد واٽس اپ ميسيج موڪليندڙ نامعلوم شخص خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ پوليس جوابدار جي ڳولا ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔