اسلام آباد : پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي 9 مهينن بعد ضمانت تي آزاد ٿي وئي، بشريٰ بي بي اڊيالا کان بني گالا ۽ پوءِ پشاور پهتي
وزيراعليٰ هائوس به پهتي، جتي رهائش اختيار ڪندي، ڪي پِـي مان گهرايل سيڪيورٽي ٽيم بشريٰ بيبي سان گڏ موجود هئي، بشريٰ بي بي مجموعي طور 9 مهينا جيل ۾ رهي، کيس هلندڙ سال 31 جنوري تي توشا خانه ڪيس ۾ 14 سال قيد جي سزا ڏني وئي
بشريٰ بيبي لاءِ بني گالا کي سب جيل قرار ڏنو ويو هو، پر بعد ۾ سندس ئي درخواست تي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو، توشا خانه ڪيس ۾ سزا معطلي بعد بشريٰ بي بي کي توشا خانه ٽو ڪيس ۾ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو هو
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته بشريٰ بي بي جو توشا خانه سان پري پري تائين واسطو نه هو، ڊيل ڪرڻي هجي ها ته بشريٰ بي بي 9 مهينا جيل ۾ نه هجي ها، پي ٽي آءِ باني جي آزادي به عدالت وسيلي ٿيندي، اها آزادي ڪنهن ڊيل جي نتيجي ۾ نه، پر ميرٽ تي ٿيندي.