اسرائيل جي جاءِ تي مان هجان هان ته متبادل حملي تي غور ڪريان ها:جو بائيڊن

واشنگٽن: آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته جيڪڏهن هو اسرائيل جي جاءِ تي هجي ها ته ايراني تيل جي سهولتن تي حملا ڪرڻ بدران ڪنهن متبادل تي غور ڪري ها.صدر جو بائيڊن چيو آهي ته ڪجهه ڊيموڪريٽس جو خيال آهي ته اسرائيلي وزيراعظم ڪمالا هيرس ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪا جو صدر ڏسڻ چاهي ٿي.آمريڪي صدر چيو ته اسرائيل اڃا اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته ايران کي ڪهڙو جواب ڏنو وڃي، جيڪڏهن هو اسرائيل جي جاءِ تي هجي ها ته ايراني تيل جي تنصیبن تي حملي جي متبادل تي غور ڪري ها.جو بائيڊن وڌيڪ چيو ته کيس خبر ناهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪي صدارتي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ سبب دير ڪري رهيو آهي.هن چيو ته سندس انتظاميه کان وڌيڪ ڪنهن به اسرائيل جي مدد نه ڪئي، اسرائيلي وزيراعظم کي اها خبر هجڻ گهرجي، جيڪڏهن هو چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته کيس خبر ناهي، پر هو ان تي به انحصار ڪري رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔