ڪراچي: اسان وٽ گهڻي ڀاڱي والدين ٻارن جي پيدا ٿيڻ تي 5، 10 ۽ پندرهن سال بعد تائين برٿ رجسٽريشن جي حوالي سان غافل هوندا آهن ، اڳتي هلي انهن کي ان سلسلي ۾ تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي .ان سلسلي ۾ ٻارن جي پيدائش کان فوري بعد انهن جي برٿ رجسٽريش ڪرائڻ اڻ ٽر ٿي ويندو آهي .ان حوالي سان لوڪل گورنمينٽ سطح تي جاڳرتا جو ڪم جاري آهي.
سنڌ گورنمينٽ اسپتال ڪورنگي 5 ۾ يونيسيف ، لوڪل گورنمينٽ کاتي ۽ صحت کاتي جي سهڪار سان برٿ رجسٽريشن ۽ سول رجسٽريشن جي اهم انگن اکرن CRVS جي باري ۾ جاڳرتا سيشن جو انعقاد ايڊيشنل ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ ڊاڪٽر سيد امداد علي شاهه جي نگراني ۾ ٿيو .
ان اهم تقريب ۾ محمد بابر علي ( پروجيڪٽ مئنيجر) ، ڊاڪٽر انيس الرحمان (ايم ايس) ڊاڪٽر اختر ( اي ڊي ايڇ او ) ، ريحانا منظور (بي آر ايف) ، ڊاڪٽر ثنا فاطما برٿ رجسٽريشن ۽ سي آر وي ايس جي باري ۾ جاڳرتا سيشن ۾ ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون .
مقررن جو چوڻ هو ته ٻار لاءِ ان جي پيدائش کي داخل ڪرائڻ نهايت ضروري آهي ۽ ان ٻار کي پيدائش کان پوءِ فوري رجسٽر ڪيو وڃي .جلد ئي سنڌ لوڪل گورنمينٽ نئين ڄاول ٻارن جي 90 ڏينهن (3 مهينا) تائين مفت پيدائش جي رجسٽريشن شروع ڪندي .
بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ثنا فاطما جو چوڻ هو ته اسان جي معاشري ۾ والدين پاران ٻارن جي پيدائش جي رجسٽريشن جي حوالي سان غفلت جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي. انهن جي پيدائش کي ڪافي وقت گذري ويندو آهي پر انهن جي برٿ رجسٽريشن نه ڪرائي ويندي آهي، اهو عمل ڪنهن به ريت مناسب ناهي .تنهنڪري والدين کي ذميواري جو مظاهرو ڪندي ٻارن جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ انهن جي برٿ رجسٽريشن ڪرائڻ واري عمل کي يقيني بڻائڻ گهرجي .