اسرائيلي فوج جي اسڪولن تي بمباري، 7 فلسطيني شهيد

غزه : مرڪزي ۽ اتر غزا ۾ اسرائيلي فورسز 2 اسڪولن تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 فلسطيني شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا موجب ديرالبله ۾ هڪ گهر تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 4 ٻارن سميت 5 فلسطيني شهيد ٿي ويا.فلسطيني ميڊيا موجب اسرائيلي فوج ويسٽ بئنڪ ۾ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.ٻئي طرف اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزه جي اترين حصي ۾ حماس جي محاصري جي حڪمت عملي تي غور ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔