آئين يا قانون سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ کان نٿو روڪي، فيصلو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي ججن مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.تفصيلي فيصلو 70 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو جسٽس منصور علي شاهه لکيو.سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ لکيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي. تحريڪ انصاف 2024ع جي عام چونڊن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون سيٽون کٽيون يا حاصل ڪيون. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم آهي. چونڊ نشان جاري ڪرڻ ۾ ناڪامي سياسي پارٽي جي چونڊ وڙهڻ جي قانوني ۽ آئيني حق تي اثر انداز نه ٿيندي آهي، آئين يا قانون ڪنهن سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ کان نٿو روڪي.
اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ جمهوري عمل جو ضامن ۽ حڪومت جو چوٿون ستون آهي پر اليڪشن ڪميشن فيبروري 2024ع ۾ پنهنجو ڪردار نڀائڻ ۾ ناڪام رهي، تفصيلي فيصلو
عدالت فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي 80 مان 39 ايم اين ايز کي تحريڪ انصاف جو اميدوار قرار ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن کي چيو ويو آهي ته باقي 41 ايم اين ايز جا دستخط ٿيل بيان 15 ڏينهن اندر وٺي. اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته ڪجهه سيٽن تي تحريڪ انصاف جي اميدوارن جو اعلان ڪري.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي پهرين مارچ جي فيصلي جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، اليڪشن ڪميشن جو پهرين مارچ جو فيصلو آئين جي خلاف آهي.اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ جمهوري عمل جو ضامن ۽ حڪومت جو چوٿون ستون آهي پر اليڪشن ڪميشن فيبروري 2024ع ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي.سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته عوام جو ووٽ جمهوري حڪمراني جو اهم حصو آهي.جمهوريت جي طاقت عوام وٽ آهي.آئين عوام کي اختيار ڏئي ٿو ته هو پنهنجو جمهوري رستو اختيار ڪن.
جنهن انداز ۾ ٻن ججن اختلاف ڪيو اهو نامناسب هو، تفصيلي فيصلو
اڪثريتي ججن جي فيصلي ۾ وڏي دل سان چيو ويو ته ٻه ساٿي جسٽس امين الدين، جسٽس نعيم افغان اسان جي فيصلي سان متفق ناهن.سپريم ڪورٽ جي ججن جي حوالي سان ساٿي ججن جا 3 آگسٽ جا اختلافي نوٽ مناسب ناهن. هنن ججن چيو ته اسان جو فيصلو آئين موجب ناهي. جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم اخترافغان جو ايڪشن سپريم ڪورٽ جي ججن جي موقف جي خلاف آهي.فيصلي ۾ چيو ويو ته بينچ جي ميمبر جي حيثيت سان هو حقيقتن ۽ قانون سان اختلاف ڪري سگهن ٿا.ساٿي جج به ٻين جي راءِ تي مختلف رايا ۽ تبصرا ڪري سگهن ٿا، پر جنهن انداز ۾ ججن اختلاف ڪيو، اهو سپريم ڪورٽ جي ججن جي صبر ۽ تحمل کان گهٽ آهي.عدالت لکيو ته ٻنهي ججن ۾ اختلاف جو انداز غير اخلاقي هو، وڌيڪ پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ججن پنهنجا رايا ڏيڻ ۾ حدون پار ڪيون ۽ ٻن ججن 80 ڪامياب اميدوارن کي وارننگ ڏني.سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالتون عوام جي ووٽن سان چونڊيل نمائندن کي شفافيت تحت ذميواريون نڀائڻ کي يقيني بڻائين. سپريم ڪورٽ جي حيثيت ۾ سپريم ڪورٽ جي اها ذميواري آهي ته هو ووٽرن جي حقن جو تحفظ ڪري ۽ ووٽرن جي نمائندگي جي حق تي سمجهوتو نه ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔