وفاقي سرڪار ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي جنهن جي لاءِ 700 ايڪڙ ايراضي تي ٻڌل زمين به مقرر ڪئي وئي آهي.

حڪومت روس جي تعاون سان ڪراچي ۾ هڪ نئين اسٽيل مل جي قيام جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي، ٻنهي ملڪن انهي منصوبي کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.h

انهي سلسلي ۾ نائب وزير صنعت ۽ واپار روسي فيڊريشن اليڪسي گروزديو صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ملاقات ڪئي. رانا تنوير حسين ٻڌايو ته حڪومت  پاڪستان اسٽيل ملز جي 700 ايڪڙ ايراضي نئين اسٽيل مل جي قيام لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته لوهه جا وڏا ذخيرا(1887 ملين ٽن) سان مالا مال هجڻ جي باوجود پاڪستان تقريبن 2.7 بلين ڊالر جو لوهه ۽ اسٽيل درآمد ڪرڻ تي مجبور آهي. مقامي پيداوار، لوهه ۽ اسٽيل جي طلب وچ ۾ مستقل فرق آهي. گذريل سال فرق جو اندازو 3.1 ملين ٽن لڳايو ويو آهي.

هن چيو ته حڪومت روس جي تعاون سان نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ چاهي ٿي، روسي نائب وزير پنهنجي حڪومت ۾ اعليٰ سطح تي نئين اسٽيل مل جي تجويز پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان اسٽيل مل جون 2015 کان بند آهي ۽ انهي جي نجڪاري جون تجويزون به ڪيترائي ڀيرا پيش ڪيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔