خان جي ملٽري ٽرائل لاءِ پنجاب يا وفاق کان اجازت جي ضرورت ناهي:راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: :وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جيڪڏهن فيض حميد جي معاملي ۾ عمران خان جو ملوث هجڻ ثابت ٿئي ٿو ته عمران خان جي ملٽري ٽرائل لاءِ پنجاب يا وفاقي حڪومت کان ڪنهن به قسم جي اجازت جي ضرورت نه آهي. نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آرمي ايڪٽ جي تحت انڪوائري بورڊ کي انهي کان اڳ ئي قانوني اجازت مليل آهي، هن چيو ته جيستائين پي ٽي آءِ پاڻ کي 9 مئي واقعن کان ڌار نٿي ڪري تيستائين مون کي نٿو لڳي ته انتظاميه پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيندي. انهي کان اڳ وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ وفاقي وزير راڻا ثناءُالله چيو ته مون کي مستقبل ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ضمانت ٿيندي نظر نه پئي اچي. عمران خان هٺ ڌرمي، ضد ۽ ڪوڙي انا تي ڄميل آهي. هن چيو ته 9 مئي واقعن تي پي ٽي آءِ باني مڃي ته انهي کان غلطي ٿي، پي ٽي آءِ باني پنهنجي غلطي نٿو مڃي صرف ايترو چوي ٿو ته مون کان معافي گهري وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔