اڄ رات پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد:مهانگائي سبب پريشان عوام کي اڄ رات جو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ رليف ملڻ جو امڪان آهي.

رپورٽ موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 3 روپيه في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 2 روپيه 50 پئسن تائين گهٽ ٿي سگهي ٿي. پهرين سيپٽمبر کان گاسليٽ جي في ليٽر قيمت ۾ هڪ روپيه پنجاهه پئسا گهٽ ٿي سگهن ٿا، لائٽ ڊيزل 2 روپيه في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.

عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. ياد رهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔