بنگلاديش خلاف ٻئي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ ڪامران ۽ ابرار شامل

راولپنڊي : بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ٻن نوان رانديگرن کي شامل ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب پاڪستان جي اسرار اسپنر ابرار احمد ۽ ڪامران غلام کي بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ قومي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ابرار احمد ۽ ڪامران غلام کي پهرين ٽيسٽ ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ٽيسٽ اسڪواڊ مان فارغ ڪيو ويو هو ۽ اهي پاڪستان شاهينز طرفان بنگلاديش اي خلاف اسلام آباد ڪلب ۾ کيڏي ويندڙ 4 ڏينهن واري ميچ ۾ کيڏي رهيا هئا. ان کان علاوه فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي پنهنجي پٽ جي پيدائش لاءِ ڪراچي پهتو هو، هو هاڻي پنڊي ۾ ٻيهر اسڪواڊ ۾ شامل ٿي ويو آهي.اين سي اي ۾ فٽنيس تي ڪم ڪرڻ لاءِ اسڪواڊ مان ٻاهر ڪيل عامر جمال کي به واپس گهرايو ويو آهي جڏهن ته ٻئي ٽيسٽ ۾ سندس شرڪت فٽنس ڪليئرنس سان مشروط هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔