مسلسل برساتن سان تربيلا ڊيم تار ٿي ويو

اسلام آباد : مسلسل برساتن سبب تربيلا ڊيم مڪمل ڀرجي ويو.
ڊيم ۾ پاڻي جي سطح هڪ هزار 550 فوٽ آهي، تربيلا ۾ هن وقت 57 لک 66 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي استعمال لاءِ موجود آهي.
تربيلا ڊيم ۾ پاڻي ڀرجڻ زرعي شعبي ۽ گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي جي پيداوار لاءِ سٺو سنئوڻ آهي.
تربيلا ڊيم ملڪي معيشت ۽ معاشرتي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان مان زراعت لاءِ پاڻي جي فراهمي سان گڏ ٻوڏ کان بچاءُ ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔