پاڪستان ۾ اي ٽي ايم ۽ آن لائن بئنڪنگ جي بندش، وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد : پاڪستان ۾ اي ٽي ايم ۽ آن لائن بئنڪنگ جو استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ اهم خبر اچي وئي.
ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم اي ٽي ايم جي بندش ۽ آن لائن بئنڪنگ بابت افواهن بابت ايڊوائزري جاري ڪئي ۽ انهن افواهن کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو.
نيشنل ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم جاري ايڊوائزري ۾ چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي گمراهه ڪندڙ ڄاڻ شيئر ڪئي پئي وڃي، بئنڪنگ انفرا اسٽرڪچر ۾ بندش جو ڪو واقعو رپورٽ ناهي ٿيو ۽ نه اي ٽي ايم ۽ آن لائن بئنڪنگ کي سائبر ٿريٽ مليو آهي.
ايڊوائزري ۾ اهو به چيو ويو آهي ته احتياط طور واهپيدار بئنڪ ايپ جي استعمال کانپوءِ ان کي لاڪ آئوٽ ضرور ڪن، گڏگوڏ واهپيدار باقاعدي سان اسٽيٽمينٽ چيڪ ڪن.
ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم جاري ايڊوائزري ۾ وڌيڪ چيو ته اي ٽي ايم ڪارڊ پن، او ٽي پي ۽ يوزر آءِ ڊي، پاسپورٽ ڪنهن سان شيئر نه ڪيو وڃي.
واضح رهي ته واٽس ايپ سميت سوشل ميڊيا تي سائبر حملن سبب اي ٽي ايمز جي ٻن کان ٽن ڏينهن جي بندش جون خبرون وائرل ٿيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔