ارشد نديم جي انعامي رقم تي ٽيڪس نه لڳايو ويندو: ايف بي آر

اسلام آباد: ايف بي آر اولمپڪس گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جي انعامي رقم تي ٽيڪس لڳائڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

ايف بي آر جي ترجمان بختيار محمد جو چوڻ آهي ته ارشد نديم کي مليل انعامي رقم تي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو ويندو، ارشد نديم کي مليل انعامي رقم تي انڪم ٽيڪس يا ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو.

انڪم ٽيڪس قانون ۾ اولمپڪس گيمز ۾ انعامي رقم تي ٽيڪس جو ذڪر ناهي، ارشد نديم قومي هيرو آهي، ان سان هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.

ارشد نديم لاءِ هن وقت تائين اعلان ڪيل مجموعي رقم 30 ڪروڙ رپيا آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔