صدر زرداري، وزيراعظم ۽ ٻين اڳواڻن ارشد نديم کي اولمپڪ گيمز ۾ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل ماڻڻ تي واڌايون

ڪراچي: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سميت ٻين اڳواڻن پاران ارشد نديم کي اولمپڪ گيمز ۾ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل ماڻڻ تي واڌايون.

صدر ۽ وزيراعظم قوم کي واڌايون ڏيندي چيو ته ارشد نديم اولمپڪس جي جيولن ٿرو ايونٽ ۾ نئون ريڪارڊ قائم ڪري اولمپڪس ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ امر ٿي ويو.

سموري قوم کي ارشد شريف تي فخر آهي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس پاران به گولڊ ميڊل کٽڻ تي ارشد نديم ۽ قوم کي واڌايون.

آءِ ايس پي آر موجب ارشد نديم انفرادي طور گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو، اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ شاندار ڪاميابي ارشد شريف جي لڳاءَ ۽ مثالي محبت جو ثبوت آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران به ارشد نديم کي واڌايون، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پاران ارشد نديم لاءِ 5 ڪروڙ ۽ گورنر سنڌ پاران 10 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو.

سکر جي ميئر ارسلان شيخ پاران ارشد نديم کي سونو تاج پهرائڻ ۽ شهر ۾ تعمير ٿيندڙ اسٽيڊيم سندس نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔