هڪ ادارو بار بار پارليامينٽ ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي: بلاول

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته هڪ ادارو بار بار پارليامينٽ ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ادارن جي وچ ۾ فاصلو نظر اچي رهيو آهي ۽ اهو بحران هڪ اداري جي ڪري ئي پيدا ٿيو آهي، هڪ سياسي جماعت جيڪو گهريو به نه هو ان کي اهو ڏنو ويو، جنهن جي قانون ۾ اجازت به نه هئي، ان اداري ارشد نديم جيان ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

بلاول جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرز جو احتجاج ۽ گوڙ، بلاول چيو ته پاڪستان جا سياسي ڪارڪن بنگلاديش جي حالتن کي غور سان ڏسي رهيا آهن، اتي احتجاج فوج ۾ شهيد ٿيلن جي ڪوٽا تان شروع ٿيو، ان ڪوٽا کي شيخ حسينه واجد پاڻ ختم ڪيو هو، بعد ۾عدالت ان کي بحال ڪيو ۽ احتجاج شروع ٿي ويو.

هن چيو ته سڀني ڏٺو ته شيخ حسينه واجد کي ڪيئن ان جي ڪري عهدو ڇڏڻو پيو، اپوزيشن ليڊر کان ڪير پڇي ته ڇا هنن جي بيٽ جو نشان مون ڦريو هو؟ ڇا مون چيو ته توهان جون چونڊون غلط ٿيون؟.

عدالت چيو ته هنن اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪئي، جنهن ڪري هنن کي نه نشان ملندو ۽ نه هي جماعت رهندا، ان فيصلي هڪ مئل جماعت کي متحرڪ ڪري ڇڏيو، اليڪشن جي آخري وقت ۾ ان فيصلي جا سياسي اثر به هئا، هنن کي مخصوص سيٽون ٽافي جيان ڏنيون ويون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔