راولپنڊي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته مون غير مشروط معافي گهري آهي، 9 مئي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ پي ٽي آءِ وارا سامهون آندا وڃن ته معافي گهرندس.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته 9 مئي تي صرف انصاف چاهيون ٿا مان صرف ۽ صرف پاڪستان جي لاءِ ڳالهين جو چئي رهيو آهيان.
عمران خان چيو ته 9 مئي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ پي ٽي آءِ وارا سامهون آندا وڃن ته معافي گهرندس، جيترا ڪيس ٺاهڻا آهن ٺاهي وٺو ڪابه ڊيل نه ڪندس، ڊيل اهو ڪندو آهي جنهن ڪو ڏوهه ڪيو هجي.
پي ٽي آءِ باني چيو ته حڪومت ۾ موجود ماڻهو فوج کي ورغلائيندا آهن ته پي ٽي آءِ کي ختم ڪريو، القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گواهه پيش ڪندس، سڃاڻپ نٿو ٻڌائي سگهان، سڃاڻپ ٻڌائي ته ڊالا پهچي ويندا.
عمران خان چيو ته جيڪڏهن موجوده حڪومت جي نگراني هيٺ بيهر چونڊون ٿيون ته اسان اهڙين چونڊن کي نه مڃينداسين، ان کان علاوه پي ٽي آءِ باني چيو ته مون سان ڳالهين لاءِ ڪنهن به رابطو نه ڪيو آهي، جيل کان اڳڪٿي ڪري رهيو آهيان ته حڪومت وٽ صرف 2 مهينن جو وقت آهي. حڪومت دلدل ۾ ڦاسندي پئي وڃي هي بيوقوف آهن هنن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته مون وٽ تمام گهڻو وقت آهي هنن وٽ وقت ختم ٿي رهيو آهي.