گهرو وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي صوبي ۾ امن لاءِ تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبرپختونخواهه جي فيصل ڪريم ڪنڊي کي صوبي ۾  امن جي قيام ۽ امن لاءِ تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي جي گڏيل صورتحال امن امان ۽ ڪرم جي افسوسناڪ واقعن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

گهرو وزير ۽ ڪي پي ڪي جي گورنر ڪرم واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ ڊگهي، گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي اتفاق ٿيو.

ملاقات جي دوران گهرو وزارت محسن نقوي خيبرپختونخواهه ۾ امن جي لاءِ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو. محسن نقوي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن جو قيام حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪرم ۾ زمين جي تڪرار تي قيمتي انساني حياتي جو نقصان انتهائي افسوسناڪ آهي، ڪجهه فسادين ٻن گروپن وچ ۾ جهيڙي کي غلط رنگ ڏنو جنهن سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو، هن چيو ته ڪرم سان تعلق رکندڙ ايم ڊبليو ايم جي ايم اين اي حميد حسين جي اڳواڻي ۾ معززين علائقي جي رهواسين سان ملاقات ڪئي، ڪرم ۾ صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ فوري طور تي قدم کنيا.

گهرو وزير چيو ته سيڪيوري فورسز به صورتحال جي حوالي سان بهتر قدم کنيا پوري ڪوشش آهي ته ڪرم سميت خيبرپختونخواهه ۾ امن جي صورتحال کي بهتر بنايو وڃي، امن جي ڪوششن کي تباهه ڪرڻ ۾ پرڏيهي هٿن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي امن جي قيام لاءِ تعاون تي گهرو وزير محسن نقوي جو ٿورو ادا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔