آءِ پي پيز ۽ اوور بلنگ واري معاملي تي حڪومت جو موقف سامهون اچي ويو

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ چيو آهي ته آءِ پي پيز سياسي مسئلو ناهي، آءِ پي پيز واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، اوور بلنگ جي معاملن جي حوالي به قدم کنيا پيا وڃن.
سڌ سماءَ واري واري وزير عطا تارڙ متحدا قومي موومينٽ جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊاڪٽر خالد مقبول ۽ مصطفيٰ ڪمال تي ٻڌل ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ بجلي جي بلن ۽ آءِ پي پيز جي حوالي سان معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، معاملي تي آواز اُٿارڻ تي ايم ڪيو ايم جا ٿورائتا آهيون.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا ۾ هاڪاري ڪردار رهيو آهي، بجلي جو معاملو پوري قوم جو معاملو آهي، 2013ع ۾ جڏهن اسان جي حڪومت هئي تڏهن اسان 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، ان وقت پنجاب ۽ وفاق جي حڪومتن ۾ سستا ترين بجلي پلانٽس لڳايا ويا هئا.
عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي ڪاربند آهي، وزيراعظم ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي نجڪاري جو اعلان ڪيو جنهن کانپوءِ قانون جي اندر اسٽيٽ اون انٽرپرائيزز جي ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي، ترميم ذريعي ڊسڪور جي پرائيويٽائزيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، ڊسڪوز کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.
هن چيو ته ڊسڪوز ۾ پروفيشنلز ۽ اهل ماڻهن کي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ڊسڪوز جي پرائيويٽائزيشن وقت سان گڏ اڳتي وڌي رهي آهي، ٻه سئو يونٽ استعمال ڪندڙ بجلي واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ پنجاهه ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي هئي، اِها رقم پي ايس ڊي پي جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري سبسڊي جي مد ۾ ڏني وئي ته جيئن اونهاري ۾ عوام جي بجليءَ جا بل گهٽ اچن.
سڌ سماءُ واري وزير چيو ته اوور بلنگ واري معاملي جي حوالي سان به قدم کنيا پيا وڃڻ، بجلي چوري جي روڪٿام بابت به صوبائي حڪومتن سان گڏجي قدم ڪم جو فيصلو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔