يوم عاشور تي صدر ۽ وزيراعظم جو اهم بيان

اسلام آباد: يومِ عاشور جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان خاص پيغام جاري ڪيو ويو آهي.

رسول صلعم جي ڏوهٽي حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي عظيم قرباني جي ياد ۾ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ يومِ عاشور مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، مختلف شهرن ۾ مجلسون ٿي رهيون ۽ جلوس برآمد ڪيا پيا وڃن.

يومِ عاشور جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڏهه محرم الحرام حضرت امام حسين رضه جي ڪربلا جي ميدان ۾ شهادت جي ياد کي تازو ڪري ٿو.

هن چيو ته امام حسين رضه ۽ سندس وفادار ساٿي ظلم ۽ جبر خلاف ڄمي بيٺا، امام حسين رضه ڏکيائين باوجود ظالم ۽ جابر حڪمران خلاف حق جو آواز بلند ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄوڪو ڏينهن رسول صلعم جي ڏوهٽي حق ۽ باطل جي ويڙهه ۾ جانين جو نذرانو ڏئي حق کي حقيقي فتح سان سرفراز ڪيو، امام حسين رضه ڪربلا جي ميدان ۾ يزيد جي جابراڻي حڪومت خلاف جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔