قومي اسيمبلي اجلاس: مصطفيٰ ڪمال ملڪ ۾ معاشي ايمرجنسي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:متحده قومي موومينٽ پاڪستان(ايم ڪيو ايم پاڪستان) جي سينئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ملڪ جي خراب حالتن کي نظر ۾ رکندي اڪنامڪ ايمرجنسي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ان جي شروعات هن هائوس مان ٿيڻ گهرجي.

قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ناڻي وارو وزير ۽ اپوزيشن اڳواڻ جي تقرير ٻڌي، بجيٽ پيش ڪندڙ هميشه ان جي تعريف ڪندا آهن اپوزيشن ۾  موجود ماڻهو هميشه بجيٽ جي مخالفت ئي ڪندا آهن.

هن چيو ته ايوان ۾ موجود ماڻهو ڪيترائي ماڻهو هتي ويهي چڪا آهن. اسان جي انهي رويي سبب ملڪ کي ڪوبه فائدو نه ٿيو آهي پاڪستان تي 78 هزار 942 ارب جو قرض آهي.  مصطفيٰ ڪمال  ملڪ جي معاشي حالتن تي ڳالهيون ڪندي معاشي ايمرجنسي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ان جي شروعات هن هائوس مان ٿيڻ گهرجي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ان کان پهريان ملڪ جو قرض لاهڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڳواڻ نوازشريف، عمران خان، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سمورن پارليامينٽ جي ميمبرن پنهنجي کيسي مان پئسا جمع ڪرايا.

هن چيو ته نوازشريف وٽ رائيونڊ جو محل آهي، عمران خان وٽ بني گالا آهي. آصف زرداري وٽ سمورن شهرن ۾ بلاول هائوس آهن ته اهي سڀ پنهنجو هڪ هڪ گهر پاڪستان کي عطيو ڪري ڇڏين. نوازشريف رائيونڊ وارو گهر ڏئي ڇڏي، عمران خان بني گالا ڏئي ڇڏي، آصف زرداري هڪ بلاول هائوس ڏئي ڇڏي ۽ اسان ٻيا پارليامينٽ  ميمبر پنهنجون 25 سيڪڙو ملڪيتون پاڪستان جي لاءِ عطيو ڪريون.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته سمورا رٽائرڊ فوجي آفيسر، سمورا حاضر سروس جرنيل  جيڪي رٽائرڊ ٿيندا آهن انهن وٽ به 150 ارب روپين جون ملڪيتون هونديون آهن. اهي 50-50 ڪروڙ روپيه پاڪستان کي عطيو ڪن، اهي سڀ جرنيل سياستدان ۽ پارليامينٽ ميمبر 1000 ارب روپيه قرض جي ادائيگي لاءِ جمع ڪري ڏيکارين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔