ريشم چاندي ۽ سون جي ڌاڳن سان خانه ڪعبه جو نئون غلاف تيار، پهرين محرم تي تبديل ڪيو ويندو

رياض:خانه ڪعبه جو نئون غلاف ڪسوه تيار ڪري ورتو آهي. جيڪو پهرين محرم الحرام تي پروقار تقريب ۾ خانه ڪعبه جي زينت بڻجي ويندو.

ڪسوه اصل ۾ عربي زبان جو لفظ آهي، خانه ڪعبه جون ڀتيون ۽ خانه ڪعبه جو دروازو جنهن کي ڪپڙي سان ڍڪيو ويندو آهي ڪسوه ڪعبي جي غلاف کي چيو ويندو آهي.

سعودي عرب جي سرڪاري پريس ايجنسي موجب مڪي شريف جي نائب گورنر شهزادي سعود بن مشعل بن عبدالعزيز نئون غلاف خانه ڪعبه جي خصوصي محافظ جي حوالي ڪيو.

ان حوالي سان هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ وزير حج ۽ غمزو، توفيق الربيع ۽ خانه ڪعبه جي نائب چيف محافظ عبدالملڪ بن طحه الشيبي غلاف ڪعبه جي حوالي سان دستاويزن تي صحيحون ڪيون.

ياد رهي ته ڪعبي جو غلاف ڏهاڪن کان هر سال ذوالحج جي مهيني ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي پر هاڻ 2022 ۾ ان جي روايت ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ ان کي پهرين محرم تي تبديل ڪيو ويندو آهي. ڪعبي جي غلاف ۾ سوين ڪلو گرام ريشم، چاندي ۽  سون جي ڌاڳن سان تيار ڪيو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔