اسلام آباد : عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ وڌيڪ قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان لاءِ 15 ڪروڙ ڊالرن جو قرض منظور ڪيو ويو آهي، اها رقم پنجاب ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ گهٽ ڪرڻ جي منصوبي تي خرچ ٿيندي.
واضح رهي ته ان کان اڳ 11 جون تي عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏني هئي.