اسلام آباد ۾ ماسڪ نه لڳائڻ تي قلم144 لاڳو

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ فيس ماسڪ نه پائڻ تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. عمل نه ڪندڙن مٿان ڏنڊ لاڳو ڪيا ويندا. قلم هڪ سئو چوئيتاليهه، مسجدن، بازار، شاپنگ مالز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، ريل ۽ هوائي سفر ڪرڻ وارن مٿان لاڳو هوندو. ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙن ڪيسن سبب اسلام آباد ۾ فيس ماسڪ لڳائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ماسڪ نه لڳائڻ تي ضلعي انتظاميه طرفان قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. فيس ماسڪ نه پائيندڙن جي خلاف اسستنٽ ڪمشنر ۽ ميجسٽريٽ ڪارروائي ڪري سگهندا.

ڀڃڪڙي ڪندڙن مٿان ڏنڊ به لاڳو ڪيا ويندا. ميجسٽريٽ 3 هزار روپين تائين ڏنڊ هڻي سگهندا. ڀڃڪڙي ڪندڙن کي قلم 188 تحت جيل به موڪلي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔