اسلام آباد: راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي جي ڪيسن ۾ شبلي فراز، راجا بشارت، زرتاج گل ۽ زين قريشي سميت 20 کان وڌيڪ جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
ان کان اڳ عدالت ۾ 9 مئي جي ڪيسن ۾ نامزد سمورن جوابدارن جي حاضري لڳائي وئي. عدالت ۾ 5 سئو کان وڌيڪ جوابدار پيش ٿيا.
عدالت ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ کيس ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت 9 مئي جي ڪيسن جي ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪندي چيو ته 9 مئي جي ڪيسن جي ايندڙ ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي