سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته امن امان سنڌ جو نه سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، اپريل دوران ڪراچي ۾ 11 مقابلن ۾11 اسٽريٽ ڪرمنل مارجي ويا، 104 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته نگران حڪومت جي دوران بدامني جي واقعن ۾ واڌ ٿي، غيرقانوني ترسيل پرڏيهين کي به گرفتار ڪيو ويو، مهانگائي،بيروزگاري ۽ غير قانوني ترسيل پرڏيهي وڏا چئلينج آهن
هن چيو ته سنڌ حڪومت نه ٿي چاهي ته عوام کي تڪليف پيش اچي، ڪچي ۾ ڌاڙيکلن خلاف پوليس جو ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي، جنهن سان علائقي ۾ بهتري آئي آهي، جلد صورتحال تي ضابطو آندو ويندو
شرجيل ميمڻ چيو ته گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ 15 ڏينهن دوران 13 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو، سنڌ جو گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ سکر، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ موجود آهن، 6 ماڻهن کي هني ٽريپ ۾اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو