نواز شريف ۽ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي ختم ٿي وئي

سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح جو فيصلو ٻڌائيندي تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ نواز شريف ۽ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي به ختم ٿي وئي

سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت اڳوڻي وزير اعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي قائد نواز شريف ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي ختم ٿي وئي آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ آرٽيڪ 62 ون ايف جي تشريح جي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو آهي

فيصلي موجب سياستدانن جي نااهلي تاحيات نه هوندي، 62 ون ايف جي تشريح عدالتي ڊڪلريشن ذريعي آئين کي ريڊ ان ڪرڻ آهي، ڊڪلريشن ڏيڻ حوالي سان قانون جو ڪوبه پراسس موجود ناهي

چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا آهن ته چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ ضروري ٿي ويو ته هيءَ فيصلو جلد ٻڌائجي

سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان هڪ داغ صاف ٿي ويو آهي: اعظم نذير تارڙ

سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي حوالي سان خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير نذير تارڙ چيو ته آئين جي ڪنهن به شق ۾ تاحيات نااهلي جو ذڪر ناهي، سپريم ڪورٽ بروقت فيصلو ڪيو آهي

اعظم نذير تارڙ چيو ته نااهلي غير منصفانه فيصلو هو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان هڪ داغ صاف ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔