نيپرا ڪراچي جي عوام لاءِ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي ۾ صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي حڪومتي درخواست منظور ڪندي بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 72 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيپرا اها منظوري گذريل مالي سال جي ٻئي ۽ ٽئين ٽه ماهي جي ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان ڏني آهي، جنهن موجب جنوري کان مارچ 2023ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ هڪ رپيو 25 پئسا في يونٽ جڏهن ته ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2022 تائين، اهو 47 پئسا في يونٽ آهي، اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي.

نيپرا جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته واڌ جي منظوري سڄي ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ هڪجهڙائي برقرار رکڻ لاءِ ڏني وئي جڏهن ته بجلي صارفين کان وصولي جنوري، فيبروري ۽ مارچ 2024 ۾ ڪئي وڃي.

نيپرا فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔