حڪومت گيس صارفين تي 232 ارب روپين جو اضافي بار وجهڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

اسلام آباد:نگران حڪومت سنڌ صوبي جي مخالفت جي باوجود گهريلو صارفين تي پهرين جنوري 2024 کان 232 ارب روپيه وصول ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي.

سوئي نادردن گيس پائپ لائين ڪمپني لميٽيڊ(اي اين جي پي ايل) حڪومتي هدايتن تي سياري دوران مهانگي ايل اين جي جي لاڳت سان پيدا ٿيندڙ بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ  گهريلو صارفين تي بار وجهي ڇڏيو آهي. پر قانوني فريم ورڪ نه هجڻ سبب قيمتن جي وصولي نه ٿي سگهي آهي.

نگران حڪومت  پهرين جنوري 2024 تائين جي مد ۾ گهريلو صارفين کان 232 ارب روپيه وصول ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته هلندڙ سيزن جي دوران 70 ارب روپين کان وڌيڪ وصول ڪرڻا آهن.

نجي ٽي وي موجب  نگران حڪومت به اڳوڻين حڪومتن جي پيروي ڪندي مهانگي ايل اين جي جو رخ گهريلو صارفين طرف موڙڻ جي طريقي تي عمل ڪري رهي آهي جنهن سان هلندڙ سيزن جي دوران تقريبن 70 ارب روپين جو بار گهريلو صارفين تي پوندو پر اهڙي قدم کي قانوني چيلنيجن کي منهن ڏيڻو پيو. خاص طور تي سنڌ حڪومت طرفان جيڪي پنهنجي صارفين کي سستي گيس ڏيڻ چاهين ٿا. نگران حڪومت ويڪوڪ بل کي مرحليوار نافذ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان جو لاڳو صنعتن کان شروع ڪري ان کي گهريلو صارفين تائين واڌ ڏيڻ جي خواهمشند آهي.

ذريعن موجب مقامي گيس جي کوٽ سبب گيس سيڪٽر خطرن جو شڪار آهي. گذريل ڏهاڪي دوران گيس جا ذخيرا نه نڪرڻ ۽ موجوده ذخيرن جي پيداوار ۾ ساليانو 9 سيڪڙو کوٽ سبب پاڪستان ايل اين جي جو امپورٽربڻجي ويو آهي.

ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران مهانگي ايل اين جي جي لاڳت سان گهريلو صارفين کان وصولي جي لاءِ پارليامينٽ مان گيس جو وينڊ ايوريج ڪاسٽ بل منظور ڪرايو ويو هو. پر اپوزيشن سان گڏ سنڌ حڪومت انهي بل کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔