اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن جي درخواستن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.
ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ، ن ليگ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي طرفان اليڪشن جي تاريخ ۾ ڦير ڦار ڪرڻ بنا نامينيشن فارمز جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي هئي.
اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن جون درخواستون قبول ڪندي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي اڄ آخري تاريخ هئي.
جنهن ۾ 2 ڏينهن جي واڌ بعد نامزدگي ڪاغذ هاڻي 24 ڊسمبر تائين جمع ڪرايا ويندا.