ڊيره اسماعيل خان حملي جي ماسٽر مائينڊ ۽ سهولتڪارن سميت 9 دهشتگرد گرفتار

لاهور: سيڪيورٽي ادارن ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ هفتو اڳ سيڪيورٽي فورسز جي ڪمپائونڊ تي ٿيندڙ حملي جي ماسٽر مائينڊ ۽ 7 سهولتڪارن سميت 9 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگرد حملي ۾ ملوث ماسٽر مائينڊ جو تعلق ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن سان آهي جڏهن ته حملي ۾ ملوث 6 دهشتگرد افغانستان سان تعلق رکن ٿا.

دستاويزات موجب ڊيره اسماعيل خان ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ دهشتگرد حسن عرف شاڪر جو تعلق افغانستان سان آهي جنهن حملي کان اڳ وڊيو به جاري ڪئي هئي جڏهن ته حملي ۾ مارجي ويل ٻيو آپگهاتي حملي آور صفت الله مروت جو تعلق امارت اسلامي افغانستان سان آهي.

آپگهاتي حملي آور صفت الله جو سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائيل ۽ ٻيا دستاويزت سامهون اچي ويا آهن جڏهن ته آپگهاتي حملو ڪندڙ صفت الله جي والد پٽ جي امارت اسلامي سان تعلق جي به تصديق ڪري ڇڏي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي گنڊاپور گروپ جا 5 دهشتگرد به اهڙي  حملي ۾ ملوث هئا.

دهشتگردن وٽان آمريڪي هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڊيره اسماعيل خان حملي ۾ 22 اهلڪار شهيد جڏهن ته 29 زخمي ٿي پيا هئا. جڏهن ته حملي ۾ 2 آپگهاتي حملي آورن سميت 2 دهشتگرد به مارجي ويا هئا.

facebook sharing button
twitter sharing button
pinterest sharing button
email sharing button
sharethis sharing button

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔