ڪير ڪٿان کان چونڊون وڙهندو؟ سياسي پارٽين جي اڳواڻن جا تڪ سامهون اچي ويا

لاهور: پاڪستان ۾ عام چونڊن جي اعلان کان پوءِ حصو وٺندڙ سياستدانن چونڊ سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا آهن جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙو اميدوار ڪهڙي تڪ تان چونڊن ۾ حصو وٺندو.

نواز شريف لاهور ۽ مانسهره، شهباز شريف لاهور ۽ ڪراچي، آصف زرداري نوابشاهه ۽ بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي مان چونڊن ۾ حصو وٺندو. مريم نواز، حمزه شهباز ۽ عليم خان لاهور مان چونڊ وڙهڻ جا خواهشمند آهن

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني ملتان، جهانگير ترين لوڌران، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق لوئر دير ۽ شيخ رشيد راولپنڊي مان چونڊ ميدان ۾ لهڻ لاءِ تياريون ڪري ورتيون آهن. مولانا فضل الرحمان ڊيره اسماعيل خان ۽ خواجه آصف سيالڪوٽ مان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا آهن.

ذريعن  موجب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف اين اي 130 مان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا آهن. شهباز شريف اين اي 123 ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي به چونڊ وڙهندو. مريم نوازشريف قومي تڪ اين اي 119 ۽ صوبائي تڪ تان به چونڊ وڙهندي. حمزه شهباز اين اي 118 لاءِ نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا.

مانسهره مان نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پاران به مانسهره مان چونڊ وڙهڻ جو امڪان آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مان 15 اميدوار سامهون آيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف به اين اي 15 تان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا آهن.

اين اي 14 تان اڳوڻي وفاقي وزير سردار محمد يوسف سميت 20 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا آهن. پيپلز پارٽي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي وزير شجاع سالم خان به اين اي 14 تان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا آهن. صوبائي اسيمبلي جي پنج تڪن تان 90 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا. نامزدگي ڪاغذ شام ساڍي 4 وڳي تائين حاصل ۽ جمع ڪرائي سگهجن ٿا. 23 ڊسمبر تي اميدوارن کي شروعاتي حتمي لسٽ جاري ڪئي ويندي.

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 8 فيبروري 2024 تي عام چونڊون ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔