پاڪستان ۾ ٺهيل پهرين هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏي جو افتتاح 

ڪراچي : ڪار جي شوقينن لاءِ خوشخبري آهي ته پاڪستان ۾ ٺهيل پهرين هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏي جو افتتاح ڪيو ويو.

سي او انڊس موٽرز اصغر جمالي جو چوڻ آهي ته اها پاڪستان جي آٽو سيڪٽر لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي ته هائبرڊ گاڏين جي استعمال سان ٻارڻ جي استعمال ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ايندي.

اها پاڪستان ۾ تيار ٿيڻ واري پهرين 1800 سي سي هائبرڊ گاڏي آهي.

گاڏي پهرين جنوري کان دستياب هوندي، پلانٽ جي صلاحيت 76 هزار کان وڌيڪ گاڏيون تيار ڪرڻ جي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔