رضا رباني، صدر عارف علوي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني فلسطين بابت تڪراري بيان ڏيڻ تي صدر عارف علوي جي استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

 سينيٽ ۾ ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدر عارف علوي فلسطيني صدر محمود عباس سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي

 ايوان صدر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر عارف علوي چيو ته فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل نه ٿو نڪري ته هڪ رياستي حل ئي مڃيو وڃي، پاڪستان ڪڏهن به اڪيلي اسرائيلي رياست وارو حل قبول نه ڪيو آهي

هن چيو ته اهڙي بيان تي صدر جي استعيفا جو مطالبو ڪيان ٿو، صدر جي بيان تي نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزارت ڇا ڪيو؟ پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته صدر جي بيان تي پرڏيهي وزارت جو موقف نه ورتو ويو، خبر نه آهي ته صدر اها ڳالهه ڪهڙي تناظر ۾ ڪئي

 صدر جي بيان تي اسان کي وضاحت جاري ڪرڻي پئي، پاڪستان جي فلسطين مسئلي تي پوزيشن ٻه رياستي حل جي حمايت واري رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔