پنجاب پوليس کي پنهنجي ئي ڪانسٽيبل جي مخبري ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، چيف جسٽس جي ڇنڊ

اسلام آباد: پنجاب پوليس کي پنهنجي ئي ڪانسٽيبل جي مخبري ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، سپريم ڪورٽ بهاولنگر جي ڪانسٽيبل محمد اسلم کي برطرف ڪرڻ واري آءِ جي پنجاب جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي

سپريم ڪورٽ طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ جو برطرفي خلاف فيصلو برقرار رکيو ويو، ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل پنجاب عدالت آڏو دليل ڏيندي چيو ته ڪانسٽيبل محمد اسلم کي هڪ طوائف سان اڻوڻندڙ حرڪتون ڪندي ڏٺو ويو

 چيف جسٽس چيو ته عورت ته چوي ٿي ته ڪانسٽيبل محمد اسلم منهنجو مڙس آهي، اهو ڪم پنجاب پوليس جو ئي ٿي سگهي ٿو

 ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل چيو ته عورت طوائف آهي پوليس مخبري تي ڪانسٽيبل جو پيڇو ڪري ريڊ ڪيو

 چيف جسٽس چيو ته ڇا پنجاب پوليس جا مخبر پنهنجن ئي اهلڪارن جي مخبري ڪندا آهن ته ڪير ڪٿي رات گذاري ٿو؟

جسٽس اطهر من الله چيو ته پوليس نجي گهر ۾ بنا وارنٽ جي ريڊ ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ چيف جسٽس چيو ته پوليس پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري رهي آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ايس  پي انويسٽيگيشن بهاولپور کي ڇنڊ پڻ پٽي ۽ چيو ته پوليس جا آفيسر بهاولنگر مان اسلام آباد ائين آيا آهن ڄڻ ڪو ايڏو وڏو ڪيس هجي جنهن سان پاڪستان جا بنياد لڏي ويندا، عدالت آءِ جي پنجاب جي درخواست رد ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔