پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد: عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ 5 ڊالر في بيرل جي گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
مهانگائي جي ستايل عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن جي مد ۾ رليف ملڻ جو امڪان آهي ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين نومبر کان پيٽرول سستو ٿيندو.
ذريعن موجب پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ پيٽرول 20 رپيا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 15 رپيا في ليٽر گهٽجڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته نگران حڪومت 16 آڪٽوبر تي پيٽرول 40 رپيا، جڏهن ته ڊيزل 15 رپيا في ليٽر سستو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔