سائفر ڪيس: عمران خان جي ٽرائل روڪڻ جي درخواست رد

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي سائفر ڪيس جو ٽرائل روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
عدالت سائفر ڪيس ۾ فرد جرم خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي شفاف ٽرائل جو حق ڏنو وڃي.
آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ساڳئي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت ۾ ٽرائل روڪڻ ۽ فرد جرم لاڳو ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، سلمان صفدر ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته چالان جون ڪاپيون 17 آڪٽوبر تي فراهم ڪيون ويون، 7 ڏينهن جو وقت ڏيڻ کانسواءِ 23 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، سلمان صفدر ايڊووڪيٽ چيو ته الزام لڳايو ويو ته سائفر جا لفظ تبديل ڪيا ويا آهن، هاڻي نه ئي تبديل ٿيل ۽ نه ئي اصل سائفر جوم متن فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سائفر چالان جو حصو ناهي ۽ اسان کي خبر ناهي ته ڪهڙي بنياد تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي ته ٽرائل ڪيئن ٿيندو؟.
عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٽرائل روڪڻ جي درخواست رد ڪندي هدايت ڪئي ته چيئرمين پي ٽي آءِ کي شفاف ٽرائل جو حق ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔